سنڌي ناٽڪ صدي

سنڌي ناٽڪ صدي

سنڌي ناٽڪ صدي

سنڌي ناٽڪ صدي: هي سووينيئر سنڌي ناٽڪ صدي (1880- 1980) عنوان سان مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد، ڊسمبر 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هي سووينيئر سنڌي ناٽڪ جي هڪ سئو سالا جشن جي موقعي تي مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ ٿيل سنڌي ناٽڪ جشن جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو، سوونيئير ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر غلام رباني آگرو هو، هو سووينيئر جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته سنڌي زبان جي ۽ ادب جي مربي ۽ محسن شمس العلما مرزا قليچ بيگ، پهريون سنڌي ناٽڪ 1880ع ۾ پهريون ڀيرو لکيو هو، جنهن کي 1980ع ۾ هڪ سئو سال پورا ٿيا، ان موقعي جي مناسبت سان، حڪومت پاڪستان جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ اداري ’پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد‘ سنڌي ناٽڪ بابت هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ساڳيءَ ريت مهراڻ آرٽس ڪائونسل به سنڌي ناٽڪ جي سئو سالا جشن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جي نمائدندن تي مشتمل ڪاميٽيون جوڙيون ويون ۽ محترم الياس عشقي، مراد علي مرزا ۽ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور کي اسٽيج ٿيندڙ ڊرامن جي مسودن کي جانچڻ ۽ اسٽيج ڊائريڪشن جي نگرانيءَ جو ڪم سونپيو ويو. هن سووينيئر ۾ هيٺيان مضمون شامل آهن: سنڌي اسٽيج ڊرامو: هڪ مختصر جائزو (مراد علي مرزا)، سئو سالا جشن جي ڊرامن جو تعارف (عبدالقادر جوڻيجو)، اسٽيج ۽ سنڌي ڊرامو (ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور)، حيدرآباد شهر (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، سئو سالا جشن جي ڊرامن جو تفصيل (مير محمد نظاماڻي). هي ڊبل ڪرائون سائيز جي 76 صفحن تي مشتمل سووينيئر مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، ڊسمبر 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، سووينيئر جي اندر مرزا قليچ بيگ جي رنگين تصوير کانپوءِ سنڌ جي گورنر احسن عباسي ۽ چيف سيڪريٽري مسعود الزمان ۽ ڪمشنر حيدرآباد ۽ چيئرمئن مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد عبدالله ج. ميمڻ جون تصويريون ڏنيون ويون آهن.


لفظ سنڌي ناٽڪ صديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو